پاڪ افغان سرحد تي ايف سي اهلڪارن مٿان فائرنگ وارو واقعو ڏکوئيندڙ آهي: شيخ رشيد

news

اسلام آباد: (اربع 05 مئي 2021ع) وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ دشمن عناصر اسان جا  حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن. پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ  جو ڪم هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد  بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ۽ ايف سي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ايف سي اهلڪارن  تي فائرنگ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. واضح رهي ته پاڪ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ ۾ مصروف ايف سي اهلڪارن تي سرحد پار کان دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي  نتيجي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي حوالدار سميت 4 جوان شهيد جڏهن ته 6 زخمي  ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغانستان ۾ موجود دهشتگردن بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي مانزاڪئي سيڪٽر ۾ حملو ڪيو. ايف سي  جا جوان سرحد تي تارون لڳائڻ جي عمل ۾ مصروف هئا.

ايف سي دهشتگردن جي فائرنگ جو فوري طور تي جواب ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي ۾ ايف سي جا چار جوان شهيد جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو. شهيد ٿيندڙن ۾ حوالدار نور زمان، نائيڪ سلطان، سپاهي احسان الله ۽ سپاهي شڪيل عباس شامل آهن.