اداڪارہ منشا پاشا رمضان ۾ وزن وڌي وڃڻ ڪري پريشان

news

ڪراچي: تازو سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل جبران ناصر سان شادي ڪندڙ اداڪاره منشا پاشا وزن وڌڻ ڪري پريشان ٿي وئي آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪاره منشا پاشا جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اداڪاره ڪارو لباس پائي پريشان نظر اچي رهي آهي.

وڊيو ۾ اداڪاره جو چوڻ آهي ته رمضان ۾ هونءَ ته وزن گهٽ ٿيڻ گهرجي پر ائين نه پيو ٿئي الٽو وزن وڌي رهيو آهي.

اداڪاره کي وڊيو ۾ وزن وڌي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪاره صنم جنگ پاران به رمضان ۾ وزن وڌي وڃڻ جهڙن مسئلن تي پريشان جو اظهار ڪندي هڪ وڊيو بلاگ جاري ڪيو هو.