زلزلي ۾ بند ٿيندڙ هڪ سئو سال پراڻو گهڙيال ٻئي زلزلي اچڻ سان هلڻ لڳو

news

ٽوڪيو: (اربع 05 مئي 2021ع)   جاپان مان هڪ دلچسپ خبر آئي آهي ته 10 سال اڳ ايندڙ خطرناڪ زلزلي ۽ سونامي سبب خراب ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي ويندڙ هڪ سئو سال پراڻو گهڙيال ٻيهر هلڻ شروع ٿي ويو آهي.

هي گهڙيال ٻڌمت سان لاڳاپيل فيومونجي مندر ۾ لڳل هو جيڪو صوبي مياگي جي شهر پاماموٽو ۾ واقع آهي. 2011 ۾ جاپاني سونامي سبب هي گهڙيال بيهي رهيو هو پر هاڻ اهو 10 سالن کان پوءِ ٻيهر هلڻ شروع ٿي ويو آهي. هن سال 13 فيبروري تي هن علائقي ۾ هڪ ٻيو زلزلو آيو هو جنهن کان پوءِ خيال ڪيو پيو وڃي ته هي گهڙيال پاڻمرادو ٻيهر هلڻ شروع ٿي ويو آهي. 

حالانڪه لاڪ ڊائون سبب ڪيترن ئي مهينن کان هن کي نه ڏٺو ويو هو پر مندر ۾ موجود هڪ ملازم ٻڌايو ته سونامي کان فورن پوءِ مان هتي پهتو هئس هن چيو ته گهڙيال کي صاف ڪري ٻيهر هلائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي.

اهڙي طرح ڪيترن ئي سالن تائين گهڙي جي سوئي ساڳئي جڳهه تي بيٺل هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ساڳيو ملازم ٻيهر اتي پهتو ته گهڙيال هلي رهيو هو ۽ اڃان تائين ڪم ڪري رهيو آهي. ملازم ٻڌايو ته گهڙيال ٻيهر هلڻ جو سبب شايد ٻيو زلزلو آهي.