ٽنڊوڄام مان مبينا اغوا ٿيل شاگردياڻي ڪيس ۾ ڄاڻايل ٽي جوابدار گرفتار

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام پوليس ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي شيرين رتڙ کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن مان ٽن ڄڻن صادق رتڙ، افضل رتڙ ۽ فيصل رتڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي 14 ورهين جي شيرين رتڙ کي مبينا اغوا ڪرڻ واري واقعي تي چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن مان پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.