بلاول ڀٽو پاران خوشاب جي ننڍي چونڊ کٽڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد

news

اسلام آباد: (خميس 06 مئي 2021ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خوشاب جي ننڍي چونڊ کٽڻ تي(ن) ليگ جي صدر شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني آهي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀو زرداري چيو آهي ته اپوزيشن جون ننڍي چونڊ ۾ لاڳيتيون ڪاميابيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عوام تحريڪ انصاف کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته عوام پنهنجي ووٽ سان عمران خان جي عوام دشمن پاليسين جي خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.