ٽيهن سالن کان حڪومت ڪندڙ حساب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن: وزيراعطم

news

لاهور: (خميس 06 مئي 2021ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جي نالي سان  يونين ٺاهي  سڀ گڏ ٿي ويا آهن. 30 سالن کان حڪومت ڪندڙ حساب ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن پر گوڙ ڪري رهيا آهن.

طاقتور کي قانون جي  ماتحت آڻڻ اسان جي ذميواي آهي. پنجاب پيري اربن هائوسنگ منصوبي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته لاهور ۾ ڪچيون آباديون بڻجندي ڏٺيوسين، لاهور ۾ سوسائٽيون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن. غريبن جو ڪنهن به ناهي سوچيو، اڌ ڪراچي ڪچي آبادي تي ٻڌل آهي. ڪراچي جا ماڻهو بجلي جي ڪنيڪشن لاءِ رشوت ڏيندا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪمزور کي مٿي آڻڻ لاءِ رياست کي ذميواري کڻڻي آهي. گهٽ لاڳت واريون هائوسنگ اسڪيمون آڻڻ ۾ 2 سال پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. فورڪلوزرلا سبب بينڪ قرض نه ڏيندو هو.

ڀارت جهڙي ملڪ ۾ گهرن لاءِ 10 سيڪڙو قرض ڏنو ويندو آهي. يورپ آمريڪا ۾ 80 سيڪڙو ماڻهن کي گهرن لاءِ قرض ڏنو ويندو آهي. حڪومت هر گهر تي 3 لک روپيه سبسڊي ڏئي رهي آهي. عمران خان چيو ته گهٽ لاڳت واريون هائوسنگ اسڪيمون انقلاب جي شروعات آهي. ڪچي آبادين جي رهواسين کي  مالڪاڻا حق ڏينداسين. هائوسنگ سيڪٽر  کان 30 صنعتون لاڳاپيل آهن. هائوسنگ انڊسٽري مان بيروزگاري جو مسئلو به حل ٿي ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ ڪورونا جي حالت خراب آهي. ماڻهن کي آڪسيجن ناهي ملي رهي. ماڻهو روڊن تي مري رهيا آهن.عوام ڀارت جي حالتن کي ڏسي ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ وائرس جي پکير کي روڪڻ لاءِ ماسڪ جو استعمال ڪن.

ان کان علاوه تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته پهرين مرحلي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ گهر ٺاهيا ويندا. گهر جي قيمت 14 لک 30 هزار روپيه آهي. سستن گهرن جو دائرو پنجاب جي هر تعلقي تائين پهچائينداسين.