فيس بڪ پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي اڪائونٽ تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو

news

واشنگٽن: (خميس 06 مئي 2021ع) فيس بڪ جي نگران بورڊ اڳوڻي امريڪي صدر ٽرمپ جي اڪائونٽ تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نگران بورڊ ريويو ۾ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ اهڙو ماحول ٺاهيو جنهن سان تشدد کي هوا ڏيڻ جو خطرو موجود آهي. نگران بورڊ 6 مهينا اڪائونٽ تي پابندي واري فيصلي تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته فيس بڪ اڳوڻي صدر تي پابندي جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي ذميواري هڪ خودمختار نگران بورڊ جي حوالي ڪئي آهي.

فيس بڪ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي ڏني وڃي ۽ ڪنهن کي پليٽ فارم تان هٽايو وڃي ان جو حتمي فيصلو نگران بورڊ ڪندو آهي. آمريڪي ڪانگريس تي حملن کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تائين پهچ حاصل نه هئي.

ٽرمپ صدارت جي  عهدي تي رهڻ دوران سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪيو هو. هوڏانهن ميڊيا رپورٽن موجب فيس بڪ جو فيصلو اچڻ کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن ۾ فراڊ جو الزام ٻيهر ورجايو آهي.