تحريڪ انصاف جو پنجاهه لک گهرن جي تعمير وارو واعدو حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي: فواد چوڌري

news

اسلام آباد: (خميس 06 مئي 2021ع) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو 50 لک گهرن جي تعمير وارو واعدو حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي.

فواد چوڌري پاران جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي هائوسنگ پروگرام جي تحت بينڪن کي 52 ارب روپين جي قرضن لاءِ درخواستون ملي چڪيون آهن.  جنهن مان 12 ارب روپيه روهايا ويا آهن.

نئون پاڪستان ٺاهڻ طرف شروع ڪيل سفر ۾ هاڻ تيزي اچي رهي آهي. هن  پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ پنجاب جي 11 تعلقن مان 10 هزار سستن گهرن جي تعمير وارن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي رهيو آهي. 50 لک گهرن جي تعمير جو واعدو عملي صورت اختيار ڪري رهيو آهي.

بينڪن ۾ وزيراعظم هائوسنگ اسڪيم جي تحت 52 ارب روپين کي حاصل ڪرڻ جون درخواستون اچي چڪيون آهن ۽ 12 ارب روپيه جاري ٿي چڪا آهن.

فواد چوڌري چيو ته جيڪي ماڻهو تنقيد ڪندا هئا ته تحريڪ انصاف جيڪي واعدا ڪيا هئا صرف چونڊ واعدا هئا انهن جي پت هاڻ وائکي ٿي چڪي آهي  نئين پاڪستان جو سفر شروع ٿي ويو آهي جيڪو هاڻ تيزي وٺي رهيو آهي. انشاءَالله هن سفر ۾ هاڻ پريشانيون گهٽ ٿينديون وينديون.