ڄام نواز علي ڀرسان رجب ڪالوني واسي نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

news

ڄام نواز علي (رپورٽ: خالد انور مگسي) ٻيراڻي شهر جي رجب ڪالوني جو رهواسي 23 ورهين جو نوجوان شاهنواز  خاصخيلي عرف ڪوڊو خاصخيلي نماز لاءِ وضو ڪرڻ دوران پاڻي واري موٽر مان اوچتو بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن بعد وارث کيس بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال کڻائي ويا جتي هو فوت ٿي ويو.

نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.