جيڪب آباد جي عدالت گئس چوري جو الزام ثابت ٿيڻ تي ٺل واسي جوابدار کي پنج سال قيد ۽ ويهه ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي عدالت گئس چوري جو الزام ثابت ٿيڻ تي ٺل واسي جوابدار کي 5 سال قيد 20 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

خبر موجب جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظفر احمد ھڪڙو جي عدالت گئس چوري ڪري جنريٽر ھلائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٺل واسي فدا حسين سرڪي کي 5 سال قيد ۽ 20 ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مارچ 2019 تي سوئي گئس انتظاميا جوابدار فدا حسين سرڪي کي گئس چوري ڪندي پڪڙيو ھو، جوابدار تي الزام ھو ته ھن گئس چوري ڪري جنريٽر ھلائيندو ھو ۽ شھر جي مارڪيٽن ۾ ڪنيڪشن ڏنل هئا، جوابدار خلاف ڊپٽي مينيجر غلام محمد مڱريو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.