ميرپورماٿيلو لڳ رحيم يار خان ويندڙ گاڏي سان حادثو، ٻه ڄڻا فوت، ٻه زخمي

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) رحيم يار خان ويجهو مرغي کڻي ويندڙ گاڏي سان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميرپورماٿيلو جا رھواسي ٻه ڄڻا ڊرائيور غلام حسين شيخ ۽ نوجوان الطاف گڏاڻي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن اطلاع تي گهرن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.