ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ سوڀو مگسي ۾ نينگر کي نانگ ڪکي وڌو، ويڪسين نه ملڻ سبب فوت

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ سوڀو مگسي ۾ 13 ورهين جو نينگر ياسين ولد نظر مگسي گهر ٻاهران راند کيڏي رھيو ھو ته اوچتو کيس نانگ ڪکي وڌو ۽ سندس حالت خراب ٿي ويئي، جنھن بعد نينگر کي رورل ھيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام آندو ويو.

جتي نانگ جي زھر واري ويڪسين نه ھجڻ سبب نينگر کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته نينگر رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فوتي نينگر جو مڙھه گھر پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو.