منهنجي گهر تي حملو ڪري نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مسلسل سازشون ڪيون پيون وڃن: رياض علي چانڊيو

news

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته منھجي گھر تي حملو مون کي نشانو ٺاھڻ لاءِ ڪيو ويو، مونکي، منھنجي خاندان ۽ ساٿين کي مسلسل نقصان پھچائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن.

ڏوھارين بظاھر واقعي کي منھنجي ڪار چوري ڪرڻ واري شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر ياد رھي ته ڪار جا دروازا کوليا ويا آھن ڪار کي پنھنجي جاءِ تان ڌڪي ٻاھر ڪڍيو ويو آھي شيشا ٽوڙيا ويا آھن جيڪڏھن ڏوھاري ڪار چوري ڪرڻ آيا ھئا ته ڪاھي وڃي پئي سگھيا اھڙا واقعا ڪراچي ۾ روز جو معمول بڻيل آھن پر ھي ٽارگيٽ واقعو آھي جنھن سان منھنجي جان کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

آئون پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناھيان، ھن کان اڳي فيبروري 2020 ۾ منھنجي گھر تي فائرنگ ٿي، پوليس ڪجھ نه ڪيو، بار بار ڊي آءِ جي، ايس پي ۽ اعليٰ اختيارين کي چيو اٿم ته منھنجي گھر وٽ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وڃي پر حد ته اھا آھي جو مونکي گھر وٽ بيريئر لڳائڻ نٿا ڏنا وڃن سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ وڊيوز به پوليس کي ملي ويون آھن.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس واقعي جي عدالتي تحقيقات ڪرائي ته اصل حقيقتون پڌريون ٿي پونديون، اسان کي سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي.