ٽنڊو محمد خان ۾ اٺين ڪلاس جي شاگرد سان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، وارثن جو احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ اٺين ڪلاس جي شاگرد فرقان راجپوت سان 4 وحشي صفت نوجوانن جي اجتماعي زيادتي ۾ ملوث جوابدار 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.

ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ شاگرد فرقان راجپوت جي پيرسن والد اصغر راجپوت ۽ ٻين عزيزن پريس ڪانفرنس ذريعي دانهيو آهي ته واقعي بابت سٽي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويئي، جنهن ۾ 4 جوابدار نثار سٺيو، غلام رسول ملاح، ببلو ۽ الهڏنو شاهه کي جوابدار نامزد ڪرڻ باوجود پوليس سندس گرفتاري عمل ۾ آڻي نه سگهي آهي.

شاگرد اجتماعي زيادتي واري واقعي کانپوءِ مسلسل خوف حراس واري زندگي ۽ بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، سندس طبعيت واقعي کانپوءِ اڃان تائين بهتر ٿي نه سگهي آهي، اسان غريبن پٽ جو ذاتي خرچ تي علاج ڪرايو پر ان جي حالت خراب آھي، اسان کي افسوس آهي ته جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي ڪري اڃان تائين آزاد گهمي رهيا آهن، جيڪي اسان کي خاموش رهڻ لاءِ ۽ ايف آءِ آر واپس وٺڻ لاءِ ڌمڪائي ۽ هيسائي رهيا آهن.

شاگرد جي والد ۽ عزيزن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين وسوارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.