شفقت محمود پندرهن جون کانپوءِ بورڊ جي امتحانن جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته 15 جون کانپوءِ بورڊ جا امتحان شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ بيان ۾ شفقت محمود جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ بين الصوبائي وزيرن جي تعليم ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بورڊ جا امتحان 15 جون کانپوءِ شروع ٿيندا.

شفقت محمود جو چوڻ هو ته 15 جون کانپوءِ 12هين ۽ 10هين جماعت جا امتحان ترجيحي بنياد تي ٿيندا، جڏهن ته يارهين ۽ نائين جماعت جا امتحان بعد ۾ شروع ٿيندا.

هن جو چوڻ هو ته انٽرميڊيٽ ۽ مئٽرڪ جي امتحانن کي ترجيح ڏني ويندي جيئن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا کان پهرين انهن جا نتيجا اچي سگهن.