ٻيراڻي ۾ هٿياربندن ٻن چوڪيدارن کي يرغمال بڻائي دوڪانن مان روڪ رقم کڻي فرار

news

ڄام نواز علي (رپورٽ: خالد انور مگسي) ٻيراڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن ٻن چوڪيدارن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سيٺ رونق شيخ ۽ خورشيد راجپوت جي ٻنهي دڪانن جا تالا ڪٽي ٻنهي دوڪانن ۾ لکين رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

شهر جي ٻنهي چوڪيدارن جي چوڻ موجب ٽن هٿياربندن جا ٻٽ ٻڌل هئا، انهن پهرين اسان ٻنهي چوڪيدارن کي هٿيارن جي  زور تي يرغمال بڻائي اسان جي سامهون ٻنهي دوڪانن جا تالا ڪٽي ٻنهي دوڪانن ۾ پيل روڪ رقم ۽ ڪجھ سامان کڻڻ بعد اسان مٿان سڌا فائر ڪيا، انهن اسان کي ڌمڪي ڏني جيڪڏهن توهان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻنهي چوڪيدارن کي گولين سان اڏايو ويندو.

جئين هٿياربندن چوڪيدارن تي فائرنگ ڪئي ته ايس ايڇ او ٻيراڻي ۽ اي ايس آئي شمن چانگ بروقت پهچي ويا، ليڪن هٿياربندن فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، چوڪيدارن موجب ٽنهي هٿياربندن وٽ ڪلاشنڪوف هنيون، انهن جا ٻٽ ٻڌل هئا.

مين بازار ۾ اچانڪ ڦر ٿيڻ تي شهري سخت پريشاني ۽ خوف ۾ وٺجي ويا، ٻيراڻي پوليس شهدادپور روڊ ۾ ٽمور روڊ ۽ آس پاس علائقن جي ناڪابندي شروع ڏني.