مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف لنڊن نه وڃي سگهيو، لاهور ايئرپورٽ کان گهر واپس

news

لاهور:(ڇنڇر 08 مئي 2021ع)   ايئرپورٽ تي اميگريشن اختيارين مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي لندن رواني ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اميگريشن اختيارين شهباز شريف کي چيو ته اسان جي سسٽم ۾ اوهان اڃان تائين بليڪ لسٽ آهيو جنهن کان پوءِ خانگي ايئرلائن شهباز شريف کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو. شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو آرڊر آهي.  هڪ ڀيرو ٽريول جي اجازت ڏني وئي آهي. صدر مسلم ليگ(ن) ايئرپورٽ اختيارين کي عدالت جا حڪم به ڏيکاريا. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ ايف آءِ اختيارين کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ۽ عدالتي حڪم نامو به پڙهي ٻڌايو. هن دعويٰ ڪئي ته ايف آءِ اي اهلڪار عدالت ۾ موجود هئا. ايف آءِ اي کي فيصلي جي خبر هئي. ان بنياد تي شهباز شريف کي نٿو روڪي سگهجي. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايف آءِ اي عمران خان جي حڪم تي توهين عدالت ڪري رهي آهي. ايف آءِ اي شهباز شريف جي نالي هڪ ٻئي لسٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. سسٽم اپ ڊيٽ نه ٿيڻ جي بنياد تي روڪي ڇڏڻ بدنيتي آهي.