هاڻ دنيا جا بهترين چاڪليٽ به ٿري ڊي پرنٽر سان ٺاهيو

news

لنڊن: (ڇنڇر 08 مئي 2021ع) ٿري ڊي  پرنٽر جي اچڻ سان مختلف شيون تيار ڪرڻ ۾ انقلاب اچي ويو آهي ۽ هاڻ چوڪ ميٽ ٽو نالي ٿري ڊي پرنٽر سان اوهان گهر ويهي ڪارخانن ۾ تيار ڪيل چاڪليٽ ٺاهي ان مان مزو ماڻي سگهندا.

چوڪ ميٽ ٽو اوهان کي تيار ڪيل ڊيزائن به ڏئي ٿو جنهن جي بدولت اوهان پنهنجي خوبصورت انداز ۾ تيار ڪيل چاڪليٽ سان ماڻهن کي حيران ڪري سگهو ٿا. چوڪ ميٽ ٽو ٺاهيندڙ چون ٿا ته انهن  هن مشين تي عير معمولي محنت ڪئي آهي ۽ هاڻ هو تمام پيارا ۽ خوبصورت ڊيزائن به تيار ڪري سگهي ٿي.

هي مشين اڇا، ڪارا، کير وارا ۽ شوگر فري چاڪليٽ به ٺاهي سگهي ٿي. انتهائي هموار ۽ خوبصورت انداز ۾ هن مان چاڪليٽ جا بهترين نمونا ٺاهي سگهجن ٿا. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسان کي هاڻ پرنٽر بدلائڻ جي ضرورت نه آهي. ڇو ته هاڻ هن مشين کي ڪيترائي ڀيرا اپ گريڊ ڪري سگهجي ٿو.

اهڙي طرح چوڪ ميٽ ٽو ماحول دوست آهي ۽ خرچ ۾ به تمام گهٽ آهي. ڪمپني سوئزرلينڊ جي تيار ڪيل چاڪليٽ انسٽڪس بطور خام مال فراهم ڪندي آهي. ان کي استعمال جي لحاظ سان هن ۾ مختلف شين جو اضافو ڪري سگهي ٿي پر هي مشين مختلف ڊيزائن جا چاڪليٽ تيار ڪندي آهي ۽ هڪ سينٽي ميٽر پرنٽ ٺاهڻ ۾ 15 کان 20 منٽ لڳائيندي آهي.

اهڙي طرح هڪ ڪلاڪ ۾ ننڍي چاڪليٽ جا 30 ٽڪڙا تيار ڪري سگهجن ٿا. پر چاڪليٽ ڇاپڻ کان اڳ سمورين هدايتن جو پڙهڻ ۽ ڄاڻڻ ضروري آهي. ڪمپيوٽرائيزڊ ڊيزائن(ڪيڊ) جي بدولت اوهان ڪيترين ئي ٻين ڊيزائن جا چاڪليٽ ٺاهي سگهو ٿا. ان ۾ لفظ لکڻ ۽ ڊيزائن به شامل آهي.