ڪورونا وائرس: انٽرنيٽ صارفين ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ گوگل پنهنجي ڊوڊل کي ماسڪ پهرائي ڇڏيو

news

لنڊن: (سومر10 مئي 2021ع) گوگل دنيا جي اهم ڏينهن جي حوالي سان پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪرڻ جي هڪ روايت تي سالن کان قائم آهي جنهن جي سرچ انجڻ جي صارفين طرفان ڪافي تعريف به ڪئي ويندي آهي.

هن ڀيري گوگل   سموري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندڙ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کان بچاءُ بابت انٽرنيٽ صارفين ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڊوڊل کي ماسڪ پهرائي ڇڏيو آهي.دنيا جي مشهور ترين سرچ انجڻ گوگل طرفان عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ ماسڪ پائڻ تي زور ڏيندي  پنهنجي ڊوڊل کي ماسڪ پهرائي ڇڏيو آهي.

اڄ جي گوگل ڊوڊل کي ڏسي سگهجي ٿو. گوگل جي ايلفابيٽس ماسڪ پهري رکيو آهي. هن ڊوڊل کي جيڪڏهن ڪلڪ ڪيو وڃي ته گوگل طرفان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ وڌيڪ هدايتون ڏنيون ويون آهن. جنهن ۾ ماسڪ پائڻ، هٿ ڌوئڻ ۽ سماجي وٿي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.