نيها ڪڪڙ ۽ روهن پريت وچ ۾ جهيڙي جي وڊيو وائرل

news

ممبئي:ڀارت جي مشهور گلوڪاره نيها ڪڪڙ ۽ سندس مڙس گلوڪار روهن پريت ۾ جهيڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.


انسٽاگرام اڪائونٽ تي نيها ڪڪڙ پاران هڪ مختصر وديو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ روهن پريت کي نيها تي هٿ کڻندي ڏٺو ويو آهي بعد ۾ نيها به ڪاوڙ ۾ ايندي روهت تي چڙهت ڪندي آهي جڏهن ته وڊيو جي آخر ۾ نيها روهت کان ڪاوڙجي ڪمري مان نڪري ويندي آهي.


وڊيو ۾ موجود بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ۽ لکيل ڪيپشن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته دراصل وڊيو گلوڪار جوڙي جي جهيڙي جي نه پر سندن نئين گاني جي آهي، جنهن جو هيش ٽيگ به آهي.