جيڪب آباد ۾ عيد الفطر اچڻ سان ئي ڌنڌوڙي پينو فقيرن شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ عيد الفطر اچڻ سان ئي جيڪب آباد ۾ مختلف علائقن کان ڌنڌوڙي پينو فقير پھچي ويا آهن، ڌنڌوڙي فقيرن جي لوڌ شھر جي مسجدن، پاڙن، بازارن ۽ چوڪن تي ڍيرا ڄمائي ڇڏيا آهن، ڌنڌوڙي پينو فقيرن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي، شھر ۾ ڌنڌوڙي فقير خيرات جي نالي تي شھرين کي تنگ ڪرڻ لڳا آھن، جنھن سبب شھرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

شھرين جو چوڻ آهي ته رمضان جي بابرڪت مھيني ۾ ڌنڌوڙي فقيرن شھرين کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي پر انهن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪير تيار ناهي ھاڻي عيد جي موقعي تي اھي ئي فقير مسجدن ۽ عيد گاهن ٻاهران نماز پڙھڻ لاءِ ايندڙ شھرين کي تنگ ڪندا.

شھرين ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته عيد جي ڏينهن تي عيد گاهن ۽ مسجدن ٻاھران مقرر پوليس اهلڪارن کي ھدايتون جاري ڪيون وڃن ته اھي ڌنڌوڙي فقيرن کي ٻاھران بيھڻ نه ڏين جيئن شھرين کي پريشاني جو منهن ڏسڻو نه پوي.