فٽبال پريميئرليگ ۾ ليورپول مانسچٽر يونائيٽڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

لنڊن: فٽبال پريميئر ليگ ۾ ليورپول مانسچٽر يونائيٽڊ کي ٻه چار سان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتو.

هار تي شڪستا دل پرستار آپي مان ٻاهر نڪري ويا ۽ پوليس جي سامهون اچي ويا، انگلش ڪلب جي آمريڪي مالڪ گليزر کي آئوٽ ڪرڻ جو مطالبو زور پڪڙيندو ويو،اولڊ ٽريفورڊ جي تاريخي ميدان ۾ فٽبال معرڪو ٿيو، اسٽارز سان ڀريل مانچسٽر يونائيٽڊ ۽ ليورپول ٽيمن ۾ زبردست مقابلو ٿيو،ڏهين منٽ تي فرينينڊيز گلو سان هوم ٽيم کي برتري ڏياري، جواب ۾ ليورپول ٻه ڪاميابيون حاصل ڪيون.

پهرئين هاف جو خاتمو ٻه هڪ تي ٿيو، راند ۾ وڌيڪ تيزي سان سنسني پيدا ٿي وئي،فرمينو پنهنجو ٻيو گول اسڪور ڪيو، سپر اسٽار محمد صلاح آخري منٽ تي بال کي ڄار ۾ اڇلي ڪمال ڏيکاريو، وڏي فتح سان ليورپول کي ايندڙ سيزن چيمئنزليگ ۾ نمائندگي جي اميد پيدا ٿي پئي.