حڪومت دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي اباڻن گهرن لاءِ رقم جاري ڪري ڇڏي

news

پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت بالي ووڊ جي لينجنڊ اداڪار دليپ ڪمار جو اباڻو گهر ۽ راج ڪپور جي حويلي خريدڻ لاءِ رقم جاري ڪري ڇڏي.

ليجنڊ اداڪارن جي اباڻن گهرن جي خريداري لاءِ 2 ڪروڙ 30 لک 57 هزار روپين جي رقم آثار قديمه جي کاتي طرفان پشاور جي ڊپٽي ڪمشنر کي جاري ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي گهرن جي مالڪن کي حتمي نوٽسز به جاري ڪري ڇڏيا ويا آهن.

ان حوالي سان ميوزيم اينڊ آرڪيالاجي جي ڊائريڪٽر عبدالصمد جو چوڻ آهي ته قبضو عيد بعد ورتو ويندو جڏهن ته قبضو وٺڻ بعد انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو.