ڪورونا: معاشي بدحالي جي ور چڙهيل فنڪار عيد لاءِ ٻارن جي خريداري نه ڪري سگهيا

news

لاهور: ڪورونا لڳاتار ٻئي سال به عيد تي ٿيٽرز جون رونقون کسي ورتيون، جنهن سبب اسٽيج فنڪارن جي آمدن ٺپ ٿي وئي آهي.

عيد جهڙي پرمسرت موقعي تي اسٽيج ڊرامن مان ٿيندڙ آمدني فنڪارن جي لاءِ آسودگي جو سبب هوندي هئي پر ڪورونا سبب مسلسل ٻئي سال به عيد تي ٿيٽر بند ٿيڻ سان فنڪار معاشي بدحالي جو شڪار آهن.

اسٽيج فنڪارن جو چوڻ آهي ته حڪومت کان امداد جي اميد هئي ته اها به عيد کان کان پوري نه ٿي سگهي،  نه ئي حڪومت فنڪارن کان حال احوال ورتو، فنڪارن کي ملندڙ رقم پهرين گورنمينٽ کان ملي ويندي هئي، جڏهن ته هاڻ خبر پئي آهي ته اها به عيد کان پوءِ ملڻي آهي.