عالمي شهرت يافته مصور پڪاسو جي پينٽنگ ڏهه ڪروڙ ٽيهه لک ڊالرز ۾ وڪرو

news

نيويارڪ: عالمي شهرت يافته مصور پابلو پڪاسو جي هڪ تاريخي پينٽنگ 10 ڪروڙ 30 لک ڊالرز ۾ وڪرو ٿي وئي آهي. پينٽنگ آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ نيلامي جي دوران وڪرو ڪئي وئي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نيلامي ڪندڙ اداري ڪرسٽيز جو اندازو هو ته اهي اها پينٽنگ ساڍا 5 ڪروڙ ڊالرز تائين وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

ياد رهي ته مصوري جي دنيا ۾ عالمي شهرت يافته مصور پڪاسو 1881ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1973ع ۾ هن جي وفات ٿي.