فلسطين جي صورتحال؛ شاه محمود قريشي جا سعودي ۽ فلسطيني پرڏيهي وزيرن سان فون تي رابطا

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 15 مئي 2021ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ  فلسطين ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطا ڪيا آهن.

رپورٽ  موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي فلسطيني هم منصب ڊاڪٽر رياض المالڪي جي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ هن فلسطين جي موجوده صورتحال تي  ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي وزير مسجد اقصيٰ تي حملن ۽ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي  معصوم ٻارن سميت فلسطينين جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

هن پنهنجي فلسطيني هن منصب کي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي حق خود اراديت جي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو. هن  پنهنجي فلسطيني هم منصب کي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي حق خود اراديت جي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو. هن فلسطينيي مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي قدمن  کان به آگاهه ڪيو. رپورٽ موجب پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم فلسطيني صدر کي حق خود اراديت جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي.

ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي تعريف ڪئي. ان کان علاوه پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي هم منصب فيصل بن فرحان سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ٽيليفون تي رابطي ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن فلسطين جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

سعودي  پرڏيهي وزير فلسطين جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو به اظهار ڪيو. پاڪستاني پرڏيهي وزير سعودي پرڏيهي وزير کي فلسطين جي صورتحال تي کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو.