روس خلا ۾ پهرين فلم ٺاهڻ لاءِ تيار ٿي ويو

news

ماسڪو:آمريڪا ۽ روس وچ ۾ خلائي جنگ ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ هاڻ ٻنهي ملڪن جي فلمي صنعت ان جو حصو ٿيڻ واري آهي.


روس پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته هو هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ هڪ اداڪاره ۽ هڪ ڊائريڪٽر کي انٽرنيشنل اپسيس اسٽيشن تي موڪليو ويندو ته جيئن خلا ۾ پهرين فلم جي عڪسبندي ڪري سگهجي، روس جو فلمي عملو 5 آڪٽوبر کان پنهنجي مهم جي شروعات ڪندو.


پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن مهيني هولي ووڊ مان اداڪار ٽام ڪروز ۽ ڊائريڪٽر ڊوف ليمن به انٽرنيشنل اسپيس جو رخ ڪندا ته جيئن فلم جي عڪسبندي ڪري سگهجي.


ٽام ڪروز جي خلا ۾ وڃڻ جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي پر روس پاران فلمي عملي کي اسپيس اسٽيشن موڪلڻ جو مقصد بظاهر خلا ۾ پهرين فلم جي تياري ۾ هولي وود کي پوئتي رکڻ آهي.