شهباز شريف جو نالو اڃان تائين اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويو: شيخ رشيد

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 15 مئي 2021ع) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اڃان تائين اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويو.

مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جو نالو اڃان تائين اي سي ايل مان ناهي ڪڍيو ويو. ڇو ته وفاقي ڪابينه طرفان سمري گهرو وزارت کي اڃان تائين ناهي ملي سگهي.

سومر يا اڱاري  تي سمري گهرو وزارت کي ملي سگهي ٿي. سمري تي فيصلو لا ۽ گهرو وزارت ڪندي ۽ فيصلو آئين ۽ قانون موجب ٿيندو. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته هي هڪ اهڙو ڪيس آهي جنهن ۾ 14 جوابدار اڳ ئي اي سي ايل تي آهن. شهباز شريف جي خاندان جا 5 ماڻهو ان ڪيس ۾ مفرور آهن. جڏهن ته شهباز شريف، نوازشريف جو ضمانتي آهي.  شهباز شريف سڌو لنڊن نه وڃي رهيو هو پر هن 15 ڏينهن قطر ۾ قرنطينه کان پوءِ يو ڪي وڃڻو هو.

اسان وٽ ان جي  ڪابه ميڊيڪل رپورٽ ناهي پهتي.  ان کان اڳ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي خلاف ڳالهيون ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته مظلوم ۽ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت کي اڄ پنجون ڏينهن آهي عالمي ميڊيا موجب اسرائيل  هينئر تائين 149 کان وڌيڪ فلسطنين کي شهيد ڪري چڪو آهي. مسلمان ملڪن کي  اسرائيل جي هٿان فلسطنين جي نسل ڪشي جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اسرائيلي جارحيت ۽ انتهاپسندي کي روڪڻ گڏيل قومن جي ذميواري آهي.