پاڪستان ۾ گم ٿيل فون بلاڪ ڪرائڻ جو آسان طريقو متعارف ڪرايو ويو

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 15 مئي 2021ع) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن(پي ٽي اي) طرفان گم ٿيل يا ڦر ٿيل فون کي بلاڪ ڪرڻ جو طريقو متعارف ڪرايو ويو آهي.

موبائل فون گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ صارف کي سڀني کان وڌيڪ جنهن شيءَ جي فڪر هوندي آهي اهو موبائل ۾ موجود ڊيٽا هوندو آهي. جيڪڏهن وقت تي فون کي بلاڪ يا رپورٽ نه ڪرائي وڃي ته ڪوبه ان جو غلط استعمال ڪري اوهان جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان حوالي سان پي ٽي اي آن لائين طريقو صارفين کي ٻڌائي ڇڏيو آهي جنهن جي تحت گهر ويٺي اوهان پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهو ٿا. دي نيولاسٽ اينڊ اسٽولن ڊيوائس سسٽم جي تحت اوهان شڪايت ڪري سگهو ٿا. پي ٽي اي جي شڪايت واري ويب سائيٽ تي وڃو ۽ ڏنل هدايتن تي عمل ڪريو. اوهان کي پنهنجا ڪجهه بنيادي تفصيل ٻڌائڻا پوندا جيئن نالو، ايڊريس، اي ميل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر وغيره. ان کان علاوه اوهان کي گم ٿي ويل فون جا تفصيل به ٻڌائڻا پوندا.

درخواست داخل ڪرائڻ کان پوءِ اوهان کي ريفرنس نمبر ڏنو ويندو جنهن کان پوءِ 24 ڪلاڪن جي اندر اوهان جو فون بلاڪ ڪيو ويندو. ٻئي طرف جيڪڏهن اوهان جو فون ملي ويندو ته ان ويب سائٽ تي وڃي اوهان ان بلاڪ جي آپشن کي چونڊ ڪري فون ان بلاڪ ڪري سگهو ٿا.