توهان جي آواز ۾ شخصيت جا راز لڪيل ٿي سگهن ٿا

news

برلن: جرمن ماهرن هڪ دلچسپ تحقيقي سروي ۾ چيو آهي ته انساني آواز جي لوچ، گهرائي، هيٺاهين مٿاهين ۽ پچ ۾ ان جي شخصيت جا تمام گهڻا راز پوشيده ٿي سگهن ٿا.

جنرل آف ريسرچ ان پرسنيلٽي ۾ شايع رپورٽ موجب چئن مختلف ملڪن مان هزارين ماڻهن جي آواز جا نمونا ورتا ويا ۽ انهن کان تفصيلي سوالناما ڀرايا ويا. ان کانپوءِ سافٽ ويئر جي ذريعي آواز جي مختلف ڪيفيتن جو جائزو ورتو ويو. سوالن ۾ ماڻهن کان جنسي رجحان، روزمرهه جي ورتاءُ ۽ شرميلي يا بي باڪ شخصيت متعلق پڇيو ويو.