قومي ٽيم ۾ ڪم بيڪ ٿيندس ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به کيڏندس: وهاب رياض

news

لاهور: قومي فاسٽ بالر وهاب رياض جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ ڪم بيڪ ٿيندو ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به کيڏندس.

ڏاهي هٿ جو فاسٽ بالر وهاب رياض هن وقت قومي ٽيم جو حصو ناهي، ريڊ بال ڪرڪيٽ کان پهرين ئي هو بريڪ وٺي چڪو آهي ۽ هاڻ ان کي وائٽ بال ڪرڪيٽ جي لاءِ غور هيٺ ناهي آندو ويو.

وهاب رياض جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جا بقايا ميچز جو انعقاد تمام ضروري آهي، اڃا ڪرڪيٽ ناهي ٿي رهي، ان لاءِ پي ايس ايل ئي اهڙو پيلٽ فارم آهي جتان پرفارم ڪري اڳيان ٽيم ۾ واپس اچي سگهجي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته انهن ڏينهن ۾ هو پنهنجي فٽنس تي فوڪس ڪري رهيو آهي ۽ ان کانسواءِ نيشنل باءِ پرفارمنس سينٽر وڃي بالنگ به ڪرائيندو آهيان ته جيئن پاڻ کي ردهم ۾ رکي سگهان.