جاپان ۾ ”ٽوڪيو اولمپڪس“ جي منسوخي لاءِ عوامي دٻاءُ وڌڻ لڳو

news

ٽوڪيو: ٽوڪيو اولمپڪس منسوخ ڪرائڻ جي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي، پٽيشن تي ٽي لک 50 هزار ماڻهن جو صحيحون آهن.

پٽيشن ”اسٽاپ ٽوڪيو اولمپڪس“ مهم جو حصو آهي، آرگنائيزر کانسواءِ پٽيشن ٽوڪيو جي گورنر کي به ڏني وئي آهي.

مهم جي آرگنائيزر جو چوڻ آهي ته حالتون اهڙيون ناهن، اولمپڪس گيمز کي منسوخ ڪيو وڃي.

جاپان ۾ ڪووڊ 19 جي چوٿين لهر سبب اولمپڪس جي مخالفت وڌي رهي آهي.