ٽوئٽر اداڪاره وينا ملڪ جي اسرائيل مخالف ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: مائيڪرو بلاگننگ سائٽ ٽوئٽر پاڪستاني اداڪاره وينا ملڪ جي اسرائيل مخالف ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي.

مائيڪرو بلاگننگ ويب سائٽ ٽوئٽر پاڪستاني اداڪاره وينا ملڪ جي فلسطين تي اسرائيلي حملن کانپوءِ يهودين جي خلاف ڪيل ٽوئٽ کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيو، وينا ملڪ ڪجهه ڏينهن پهرين ايڊولف هٽلر جي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيل هو ته ”آئون دنيا جي سڀني يهودين کي ماري سگهان پيو جڏهن ته ڪجهه کي رڳو ان لاءِ زندهه رکيو آهي ته جيئن دنيا ڏسي سگهي ته مون انهن کي ڇو ماريو“

وينا ملڪ جي ان پوسٽ کي ٽوئٽر ڊيليٽ ته ڪري ڇڏيو جڏهن ته جنهن قول جو وينا ملڪ حوالو ڏنو اهو هڪ فرضي قول هو. اسرائيل جي طرفان فلسطين تي حملي کانپوءِ اداڪاره وينا ملڪ ٽوئٽر تي گهڻو فعال آهي ۽ مسلسل فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن متعلق پوسٽ ڪري رهي آهي.