مدئجي واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوانن سان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) عيد جي ٻئي ڏينهن لاڙڪاڻو گهمڻ لاءِ ويندڙ مدئجي واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوانن کي نئون ديرو ڀرسان تيز رفتار ويگن جو ٽڪر لڳڻ سبب ٻه نوجوان فيضان پٽ قربان جوڻيجو ۽ ادريس پٽ عرس چنو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو، جتي زخمين مان هڪ نوجوان ادريس چنو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي زخمي نوجوان فيضان جوڻيجو جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي مدئجي پهچايو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو ۽ گهرڀاتين جون عيد واريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، فوتي نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان ادريس چنو جي ڀاءُ سلمان چنو ٻڌايو ته ڀاءُ دوستن سان گڏ لاڙڪاڻو گهمڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته نئون ديرو ڀرسان ويگن جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيا، جن مان ڀاءُ ادريس فوت ٿيو آهي.