ٽنڊوڄام ويجهو انبن جي باغ ۾ هڪ شخص جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ انبن جي باغ ۾ 40 سالا شخص جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ لاش کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ رکرايو ويو آهي، جڏھن ته ابتدائي طور تي خودڪشي جو واقعو لڳي رھيو آھي پر موت جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم بعد ئي معلوم ٿي سگھندو.

ٻئي پاسي پوليس پاران لاش جي سڃاڻپ لاءِ آسپاس جي علائقن ۾ اعلان پڻ ڪرايا ويا آھن.