ٽنڊو محمد خان جو مشهور ڪرڪيٽر شڪيل احمد ڀٽي اوچتو دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) سٽي ڪرڪيٽ ڪلب جو اڳوڻو ڪپتان، مشهور ڪرڪيٽر شڪيل احمد ڀٽي اوچتو دل بيهڻ جي ڪري 55 ورهين جي ڄمار ۾ فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

مرحوم ٽنڊو محمد خان جي روينيو آفيسر مرحوم غلام قادر ڀٽي جو وڏو موبي پٽ هو، ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين سردار شفيق احمد ڀٽي، سب جيل ٽنڊو محمد خان جي جيلر عتيق ڀٽي، تپيدار عادل قادر ڀٽي، پيپلز يوٿ سٽي جي صدر عديل احمد ڀٽي، رويل ڀٽي جو وڏو ڀاءُ هو، مرحوم کي هزارين سوڳوار اکين سان سندس ابائي قبرستان پيرشارفو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته ايم اين اي سيد نويد قمر، ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري، پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو، ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين سيد ذيشان شاهه، اڳوڻو ضلعي نائب ناظم پير اشفاق جان سرهندي، انجنيئر پير عاصم جان سرهندي، سول سوسائٽي جي جان محمد ڀٽي، مير علي رضا ٽالپر، پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر ميرحسن ملاح، محمد جمن ڪيهر، عبدالحفيظ سٺيو، سرفراز ڀٽي، انڊس ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد اقبال ميمڻ، تاجران فيڊريشن جي صدر حاجي محمد اسماعيل ميمڻ، ايس ٽي پي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊاڪٽر رفيق وگهيو، ڊاڪٽر عبدالرئوف، ڊاڪٽر جي ايم گل، شوڪت بروهي سميت ۽ شهر جي سياسي سماجي شخصيتن سميت شهرين تڏي تي پهچي پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي.