ڪم جو وڌيڪ وقت ڪارڪنن جي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي: ڊبليو ايڇ او

news

نيويارڪ: (سومر 17 مئي 2021ع) صحت واري عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته ڪم جو ڊگهو وقت سموري دنيا ۾ ڪارڪنن جي فوت ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گڏيل قومن جي هڪ تازي مطالعي موجب سموري دنيا ۾ هر سال لکين ماڻهن جي موت جو سبب ڪم جو ڊگهو وقت  بڻجي رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او ۽ عالمي ليبر آرگنائزيشن جي اندازن موجب 2016 ۾ سموري دنيا ۾ 3 لک 98 هزار انسان اسٽروڪ يا اوچتو دماغ جي رڳ ڦاٽڻ جو شڪار ٿيا ۽ 3 لک 47 هزار دل جي بيماري ۾ مبتلا هئا.

ڪارڪنن جي موقت جو سبب ان جو هفتيوار 55 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي. ڊبليو ايڇ او  عالمي ليبر آرگنائزيشن جي طرفان پهريون ڀيرو ڪارڪنن جي ڪم جي باري ۾ لڳايل اندازو پيش ڪيو ويو آهي. صحت واري عالمي اداري جي سربراهه  آگاهي ڏني آهي ته ڪورونا بحران هن صورتحال ۾ وڌيڪ خرابي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.