چين آمريڪا کان اسرائيلي حملا روڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

news

بيجنگ: (اڱارو 18 مئي 2021ع)  چين آمريڪا کان اسرائيلي حملا روڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائوليجيان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ هن وقت 2014 کان پوءِ کان هينئر تائين جو سڀني کان وڏو تڪرار پيدا ٿيو آهي جنهن جي حل جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجون  ذميواريون نڀائڻ گهرجن. هن چيو ته اسرائيل کي صبر سان ڪم وٺندي مسلمانن جي خلاف تشدد، ڌمڪين ۽ چڙ ڏيارڻ جو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته فسطين ۾ متاثرين کي امداد جي سخت ضرورت آهي ۽ انساني همدردي جي تحت سمورا ملڪ ملي فلسطيني عوام جي ڏکن جو حل ڪڍن.

ترجمان فلسطين جي لاءِ ڪيل ڪاوشن جو ذڪر ڪندي چيو ته چين سلامتي ڪائونسل ۾ 2 ڀيرا مشاورت ڪئي جنهن جو مسودو به تيار آهي جنهن جي بنياد تي پرڏيهي وزير وانگ اي 16 مئي تي سلامتي ڪائونسل ۾ کليل خيالن جو اظهار ڪيو ۽ 2 رياستي حل به پيش ڪيا.

واضح رهي ته هڪ هفتي کان غزه تي اسرائيل جي لاڳيتو بمباري جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي چڪا آهن.