باچا خان ايئرپورٽ تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جا ٻٽيهه فرنٽ لائن ورڪرز ڪورونا جو شڪار

news

پشاور: (اربع 19 مئي 2021ع) باچا خان ايئرپورٽ تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جا 32 فرنٽ لائن ورڪرز ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

پشاور ۾ باچاخان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جا 32 فرنٽ لائن ورڪرز ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڪورونا ۾ مبتلا ٿيندڙن جو  گهڻو انگ ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ ويجلنس، ايئرپورٽ سروسز، برج آپريٽرز جو آهي.

ايئرپورٽ ذريعن موجب گڏيل طور تي پشاور ايئرپورٽ تي عرب ملڪن کان ايندڙ 89 کان وڌيڪ مسافر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا نڪتا هئا.

پرڏيهي ملڪن مان ڪورونا هاڪاري ايندڙ مسافر ڪورونا جي پکيڙ جو سبب بڻيا. ان بابت ايئرپورٽ مئنيجر چيو ته ايئرپورٽ تي هنگامي بنيادن تي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ اسپري به ڪيو پيو وڃي.