چين جي شاگردياڻي مٿي تي لڳائڻ لاءِ مصنوعي اک تيار ڪري ورتي

news

بيجنگ: (خميس 20 مئي 2021ع)  چين ۾ انڊسٽريل ڊيزائن جي شاگردياڻي مِن ووڪ پنينگ طرفان هڪ شاهڪار تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي ٽيڪنالاجي جي جديد ترين ايجاد قرار ڏنو پيو وڃي.

هي ٽئين اک خاص طور تي ان ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي جيڪي اسمارٽ فون تمام گهڻو استعمال ڪندا آهن. اوهان سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي وائرل وڊيو ڏٺيون هونديون ته صارف فون جي استعمال ۾ ايترو مصروف هوندا آهن جو هو هلندي ڦرندي ڪري پوندا آهن يا ڪو ٻيو واقعو ماڻهن سان فون ۾ گم هجڻ سبب پيش ايندو آهي.

هن ٽئين اک جي تخليق جو بنيادي مقصد اهو آهي ته جنهن وقت انساني اک فون ۾ مصروف هجي ته هي ٽئين اک رستي ۾ ايندڙ رنڊڪون هٽائي.  هن اک کي صاف شفاف پلاسٽڪ سان ٺاهيو ويو آهي جنهن جي اندر هڪ اسپيڪر لڳايو ويو آهي. هن اک ۾ الٽرا سونڪ سينسر به لڳايا ويا آهن جنهن جي مدد سان انسان سامهون موجود شيون ڏسي سگهي ٿو.