پنجاب حڪومت ڪورونا جي گهٽ ڪيسن وارن ضلعن ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (ڇنڇر 22 مئي 2021ع)  پنجاب حڪومت 5 سيڪڙو کان گهٽ ڪورونا ڪيسز وارن 16 ضلعن ۾ 24 مئي کان سرڪاري ۽ خانگي اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

تعليم کاتي پنجاب جي نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ۾ 24 مئي کان 16 ضلعن ۾ ڪورونا ايس او پيز جي پابندي سان گڏ سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول  کلي ويندا. نوٽيفڪيشن موجب ان ضلعن ۾ بهاولنگر، چڪوال، چنيوٽ، حافظ آباد، جهنگ، جهلم، قصور، منڊي بهاءُالدين، ننڪانه صاحب، نارووال، پاڪپتن، راجن پور، ساهيوال، شيخوپوره، سيالڪوٽ ۽ وهاڙي شامل آهن.

جڏهن ته لاهور سميت پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ اسڪولز بند رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان ضلعن ۾ هفتي جا 4 ڏينهن اسڪول کليل رهندا ۽ هڪ شاگرد 2 ڏينهن جي لاءِ اسڪول ايندو.