اينڊرائيڊ نابين صارفين لاءِ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

news

لنڊن: (آچر 23 مئي 2021ع) آءِ او ايس کان پوءِ گوگل به نابين ماڻهن جي لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو فون وڄڻ کان پوءِ ڪالر آءِ ڊي جو اعلان ڪندو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب متعارف ڪرايل نئون فيچر صارف کي ڪال اچڻ تي فون ڪندڙ شخص جو نالو ڪالر آءِ ڊي تائين پهچ جي سهوليت مهيا ڪندو.

چاهي صارف جو فون، هيڊ فون سان ڪنيڪٽ هجي يا نه هجي. نظر ايندڙ فيچر اچڻ کان اڳ ئي آءِ او ايس نابين صارفين جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو فون ڏسڻ کان اڳ ئي صارف خاص طور تي نابين ماڻهن کي آگاهه ڪندو آهي ته فون ڪندڙ ماڻهو ڪير آهي.