news
مظفرآباد

مظفر آباد ۾ مسافر وين خوفناڪ حادثي جو شڪار، ٽن ٻارن سميت يارنهن ڄڻا فوت

مظفرآباد: (ڇنڇر 29 مئي 2021ع)  ضامن آباد ۾ مسافر وين خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

رپورٽ موجب راولپنڊي کان چڪوٺي ايندڙ مسافر وين ڪوهاله ويجهو ضامن آباد واري هنڌ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 16 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب حادثي کان پوءِ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون. جنهن کان پوءِ امدادي ٽيمن فوت ٿي ويلن مان 3 جا لاش عباس انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۽ 6 لاش سي ايم ايڇ منتقل ڪيا.

جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد جي لاءِ ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي زخمين مان 2 ڄڻا وڌيڪ فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ 11 يارنهن ٿي ويو.