پاڪستان پاران فائزر ڪمپني جي ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: (سومر 31 مئي 2021ع) صحت واري وزارت فائزر ڪمپني جي ايم آر اين اي ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي 10 لک خوراڪون خريد ڪيون  وينديون. ويڪسين جي خريداري اين ڊي ايم ذريعي ڪئي ويندي. فائزر ڪمپني طرفان به ويڪسين فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي. رپورٽون آهن ته پاڪستان ۾ خوراڪون جولاءِ يا آگسٽ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

ويڪسين جي اسٽوريج لاءِ 23 الٽرا ڪولڊ چين فريزر خريد ڪيا ويا آهن. هوڏانهن صحت واري وزارت فائزر ويڪسين جي خريداري جي حوالي سان ڳالهيون ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.

صحت واري وزارت جي اختيارين چوڻ آهي ته فائزر ويڪسين گهٽ طاقت رکندڙ ماڻهن کي لڳائي ويندي. چاليهن سالن کان گهٽ پرڏيهي ملڪن جو سفر ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي فائزر اوليت جي بنياد تي لڳائي ويندي.