شياومي اٺن منٽن ۾ سئو سيڪڙو اسمارٽ فون چارج ڪندڙ چارجر متعارف ڪرائي ڇڏيو

news

لنڊن: (خميس 03  جون 2021ع) اسمارٽ فون ٺاهيندڙ ٽيڪنالاجي ڪمپني شياومي 8 منٽن ۾ 100 سيڪڙو اسمارٽ فون بيٽري چارج ڪندڙ ٽيڪنالاجي تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب شياومي 8 منٽن جي مختصر ٽائيم ۾ اسمارٽ فون جي بيٽري چارج ڪندڙ 200 وارٽ جو چارجر تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪمپني طرفان هن نئين ٽيڪنالاجي جي وڊيو شيئر ڪندي چارجر جي نمائش به ڪئي وئي آهي.

ٽوئٽر تي شياومي طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري جي ايم آءِ 11 پرو کي 2000 واٽ جي چارجر سان چارج ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو 44 سيڪنڊن ۾ اسمارٽ فون بيٽري کي 10 سيڪڙو، 3 منٽن ۾ 50 سيڪڙو ۽ 8 منٽن ۾ 100 سيڪڙو چارج ڪري  ڇڏيندو آهي.

ياد رهي ته 2 سال اڳ چيني ڪمپني طرفان چارجنگ جي لاءِ 100 واٽ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن جي تحت متعارف ڪرايل ٽيڪنالاجي 17 منٽن ۾ اسمارٽ فون چارج ڪري ڇڏيندي آهي.