مڪمل فٽ آهيان، سئو سيڪڙو پرفارم ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل آهي: نسيم شاهه

news

لاهور: (ڇنڇر 05  جون 2021ع) ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته پي ايس ايل جو ڌار ئي مزو آهي ۽ مان ان جي لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهيان.

منهنجي تياري مڪمل آهي 100 سيڪڙو پرفارم ڪندس. نسيم شاهه چيو ته انسان کان غلطيون ٿي وينديون آهن ۽ اهو به زندگي جو حصو آهي. منهنجو  ابوظهبي ۾ رزق لکيل هو ۽ مان هاڻ هتي پهچي ويو آهيان اهوئي منهنجو يقين آهي. هن چيو ته ڪرڪيٽ زندگي آهي،  ڪٿي به کيڏي وڃي پر خوشي ٿيندي آهي. منهنجو حدف اهوئي هوندو آهي ته محنت ۽ دليري سان کيڏان.

نسيم شاهه چيو ته قرنطينه ۾ وقت گذارڻ جي هاڻ عادت ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا قرنطينه مڪمل ڪري چڪو آهيان. ان دوران فڪر فٽنس جي هوندي آهي. فٽنس برقرار رکڻ لاءِ ڪمري ۾ ملندڙ سهوليتن مان فائدو کڻندو آهيان.