صارفين جي اڪائونٽ کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ لاءِ واٽس ايپ جو نئون فيچر ڪهڙو هوندو؟

news

لنڊن: (سومر 07  جون 2021ع) عالمي سطح تي مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ هن وقت هڪ مخصوص فيچر فليش ڪال تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو صارفين جي اڪائونٽ تي جلد لاگ ان ٿيڻ جي سهوليت فراهم ڪندو.

في الحال واٽس ايپ تي لاگ ان ٿيڻ جي خواهشمند صارفين کي ان جي نمبر تي ڪمپني طرفان تصديق جي لاءِ 6 انگن جو ڪوڊ اماڻيو ويندو آهي. پر هاڻ ڪمپني ان تصديق جي لاءِ فليش ڪال فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي. ان فيچر کان پوءِ صارفين کي 6 اکرن جي ڪوڊ ذريعي وڃڻ واري تصديق جي ضرورت نه پوندي. فليش ڪال فيچر جي ذريعي واٽس ايپ طرفان صارف کي تصديق جي لاءِ ڪال ڪئي ويندي ته اوهان کي فون لاگ جي آخري 6 نمبرز اوهان کي ڏنا ويا. 5 اکر ڪوڊ جي برابر آهن.  جنهن کان پوءِ ڪال خودڪار طريقي سان ختم ٿي ويندي.

ويب بيٽا انفو موجب هي فون نمبر هميشه مختلف هوندو. ان ڪري صارفين ان طريقي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه چالاڪي نه ڏيکاري سگهندا. مذڪوره فيچر کي فعال بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪندڙ جي طرفان واٽس ايپ کي فون ڪال جي لاگ تائين پهچ ڏيڻ ضروري هوندو جنهن کان پوءِ واٽس ايپ پاڻ ئي ڪال وصول ڪري صارف جي واٽس ايپ اڪائونٽ جي تصديق ڪندو. ويب بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ موجب فليش ڪال فيچر وائس ايپ جي ورزن 2.21.11.7 تي موجود آهي.