پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جو مشن: سنڌ ۽ پنجاب ۽ پوليو مهم جي شروعات

news

ڪراچي: (سومر 07  جون 2021ع) سنڌ ۽  پنجاب ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. هلندڙ سال سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪوبه ٻارڙو پوليو جو شڪار ناهي ٿيو. والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو. ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو سنڌ طرفان سموري سنڌ ۾ 7 جون کان 13 جون تائين پوليو مهم هلائي ويندي. ان مهم دوران سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 90 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.

90 لک ٻارن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻارڙا ڪراچي ۾ رهائش پذير آهن. هوڏانهن پنجاب جي 20 ضلعن ۾ به اڄ کان پوليو کان بچاءُ واري مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنج ڏينهن واري مهم 11 جون تائين جاري رهندي. مهم جي شروعات لاءِ 33 هزار ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

مهم جي حوالي سان پوليو ٽيمن جي تربيت جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي. مهم ۾ هڪ ڪروڙ 41 لک 82 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.