پي ايس ايل اڄ کان شروع، لاهور ۽ اسلام آباد جون ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون

news

ابوظهبي: (اربع 09  جون 2021ع) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) 6 جون ميچون اڄ کان ابوظهبي ۾ شروع ٿينديون.

15هين ليگ ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ پاڪستاني وقت موجب رات جو 9 وڳي شروع ٿيندو. اسلام آباد جي ٽيم ۾ حسن علي، عثمان خواجه ۽ شاداب خان جهڙن رانديگرن جون خدمتون حاصل آهن.

جڏهن ته محمد حفيظ، راشد خان۽ شاهين آفريدي لاهور قلندرز جو حصو آهن. واضح رهي  ته پاڪستان سپر ليگ(ي ايس ايل) 6 جي رهيل 20 ميچز جي لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پي سي بي ذريعن موجب تجربيڪار امپائر عليم ڊار ۽ احسن رضا پي ايس ايل 6 جي فائنل ۾  امپائرنگ جا فرض ادا ڪندا. عليم ڊار کان علاوه پي سي بي ايليٽ پينل ۾ شامل  ٻيا امپائرز به ذميواريون ادا ڪندا.