فائزر ويڪسين جي استعمال بابت حڪومتي حڪمت عملي تبديل

news

اسلام آباد: (خميس 10  جون 2021ع) حڪومت فائزر ويڪسين جي استعمال بابت حڪومتي حڪمت عملي تبديل ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب حڪومت اسٽڊي ۽ ورڪ ويزه تي پرڏيهه ويندڙن کي فائزر ويڪسين نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فائزر ويڪسين حاجين ۽ وچولي مرض جي شڪار ماڻهن کي لڳائي ويندي. صحت واري وزارت جي ذريعن موجب فائزر ويڪسين جي استعمال جي شروعات هلندڙ هفتي کان ٿيندي ۽ فائزر ويڪسين جي گهٽ مقدار سبب حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي آهي.

فائزر جي ٻئين کهيپ ملڻ تي پرڏيهه ويندڙن کي لڳائي ويندي ۽ فائزر ويڪسين 15 شهرن جي مخصوص ويڪسينيشن سينٽرز تي دستياب هوندي. ذريعن موجب فائزر ويڪسين جي استعمال بابت ويڪسينيٽرز جي خصوصي تربيت مڪمل ڪئي وئي آهي.

پاڪستان کي ڪورويڪس کان فائزر ويڪسين جا هڪ لک 650 ڊوز مليا آهن. پرڏيهه ويندڙن لاءِ آسٽرازينيڪا ويڪسين دستياب آهي ۽ آسٽرازينيڪا ويڪسين سعودي عرب، متحده عرب امارات(يو اي اي) سميت يورپ ۾ مڃيل آهي.